پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران قصور مان اڳوڻي ايم پي اي چوڌري امجد علي مئيو سان سندس والده جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

image

ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قصور مان اڳوڻي ايم پي اي چوڌري امجد علي مئيو سان سندس والده جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميديا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته توهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري مرحومه جي لاءِ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں