قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي عام بحث ڪالهه به جاري رهي

image

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث ڪالهه به جاري رهي. مختلف سياسي پارٽين جي ميمبرن ملڪ ۾ روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائيءَ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ميمبرن ميثاق معيشت کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي پائيدار اقتدار اؤسر ۽ قرضن ۾ گهٽتائي لاءِ روڊ ميپ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي بي اين پي مينگل جي ميمبر ۽ مملڪتي وزير محمد هاشم نوتيزئي چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري وڌيڪ آهي جنهن سبب نوجوان غير قانوني طريقن سان يورپ وڃڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي جانين تان هٿ ڍوئي رهيا آهن. معاشي تنگدستي کي ختم ڪري روزگار جا موقعا وڌايا وڃن. هن چيو ته بلوچستان جي جن ضلعن ۾ گيس ناهي ان لاءِ بجيٽ ۾ ايل پي جي اسٽيشنز جي قيام لاءِ فنڊز رکيا وڃن. اهڙيءَ طرح تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. بلوچستان ۾ بجلي جون لائينون خراب ٿي چڪيون آهن، انهن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. بلوچستان ۾ پي ٽي اءِ جي دؤر ۾ 12 منصوبن مان اڃا تائين هڪ به مڪمل نه ٿي آهي جنهن سبب انهن اسڪيمن جي لاڳت ۾ اضافو ٿي رهي آهي. ڪچلاڪ کان خضدار ۽ خضدار کان ڪراچي شاهراهه لاءِ فنڊز جي فراهمي يقيني بنائي وڃي.بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر ضلعن جي متاثرن لاءِ مشڪلاتن جو ازالو ڪيو وڃي. اميد آهي ته اسان جي مطالبن تي توجهه ڏني ويندي. مسلم ليگ (ن) جي شهناز سليم بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته آ ايم ايف پيڪيج نه هئڻ ۽ گذريل حڪومت جي بدانتظامي ۽ نااهلي سبب مشڪل حالتن باوجود ناڻي واري وزير متوازن بجيٽ پيش ڪيو آهي. پي ٽي آءِ ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ جي خواهشمند آهي پر وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن ۽ ناڻي واري وزير جي دانشمنداڻين قدمن سان پي ٽي آءِ جي اها خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. هن چيو ته حڪومت سياسي ساک کي ڊاءُ تي لڳائي معيشت کي ترجيح ڏني آهي، اسان سياست بدران رياست کي اهميت ڏني آهي. هن چيو ته ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان رليف ملندو. هن انڊس هاءِ وي ۽ پنجاب بلوچستان ۾ 70 هاءِ ويز جي تعمير ۽ مرمت جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته بي آءِ ايس پي جي بجيٽ ۾ واڌ سٺو قدم آهي پر اسان ان کي بهتر بنائي سگهون ٿا. ان پروگرام کي روزگار جو وسيلو بنائي سگهجي ٿو، اسان کي پاڻي جي بچت ڪرڻي پوندي، سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پلانٽس لڳائڻا پوندا. پ پ جي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته بجيٽ جي موقعي تي هڪ رونق جي گهٽتائي محسوس ٿي رهي آهي. منفي سوچ ان جي ذميدار آهي جنهن بي اعتماديءَ کان پوءِ اسيمبلين بدران روڊن ۽ رستن تي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته اسان جو نظام ٽٽي چڪو آهي ۽ سياسي قيادت جي بصيرت تي آهي ته هو ان نظام کي جوڙين. هن چيو ته يونان ۾ ٻيڙي جو ٿيل حادثو افسوسناڪ آهي، ان تي هڪ ڪميشن قائم ڪئي وڃي جيڪا ان واقعي جي هر پاسي کان جاچ ڪري. ان حادثي مان اسان کي سکڻ گهرجي. هن وقت پاڪستان ۾ نوجوانن جي اڪثريت آهي، اسان انهن جي باري ۾ ڇا سوچي رهيا آهيون؟ ڇا اسان وٽ انهن نوجوانن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جو ڪو نظام آهي؟ هن چيو ته مهانگائي، آئيني ۽ عدالتي بحران موجود آهي، جڏهن ته انهن بحران مان سڀ کان وڏو بحران سياسي آهي. مان سمجهان ٿي ته سياسي بريڪ ڊائون جو سبب سڀني کي خبر آهي، 1990ع جي سياسي ڇِڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ ميثاق جمهوريت تي ٻن وڏين سياسي پارٽين اتفاق راءِ ڪيو. هن ميثاق ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو روڊ ميپ آهي. 18هين آئيني ترميم ذريعي نفرت ۽ انتقام جي سياست کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته تبديلي ۽ سونامي جا ذميدار سياسي بريڪ ڊائون جا ذميدار آهن، انهن عنصرن کي ميثاق جمهوريت مان خطرو هو. ان موقعي تي آسيه عظيم بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي يونان ۾ ٻيڙي جي حادثي ۾ پاڪستانين جي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته روزگار جي موقعن ۾ واڌ ڪري اهڙي طرح جي واقعن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته 75 سالن ۾ اسان مسلسل قرض وٺي رهيا آهيون، اسان پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش نه ڪئي، اسان کي پاڻ تي ڀاڙڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي مسلسل وڌي رهي آهي، وفاقي سطح تي به بهبودِ آباديءَ لاءِ فنڊز رکيا وڃن. 51 سيڪڙو عورتن کي معيشت جي مرڪزي ڍارا ۾ آڻڻ لاءِ 5 ارب رپين جا فنڊز ناڪافي آهن. هن چيو ته صحت، تعليم لاءِ فنڊز ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي واقعن جي ذميوارن کي ملڪ جي قانون مطابق سخت سزا ڏني وڃي ان ۾ ڪنهن سان به نرمي نه ڪئي وڃي. هن چيو ته پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ سٺي ڳالهه آهي ۽ مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ان سان گڏ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اجلاس ۾ وقفو ڪري ڇڏيو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں