مريم اورنگزيب پاران پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير افضل بٽ ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو، والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا ڪري.

مضمون کا ماخذ : گولڈ رش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں