اسلام آباد – 06 نومبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر رياست ٺاهڻ اسان جي اصل منزل آهي، وزيراعظم عمران خان جي ??يادت ۾ پنهنجي ??نزل کي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ گامزن آهيون، رستي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون وينديون، حڪومت جي ??دمن ۽ پاليسين جا ثمر جلد عوام کي نظر ايندا، مهانگائي جي روڪٿام اسان جي اولين ترجيح آهي، نه ته پي ٽي وي جي ??جڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير س??د فخر امام ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه تي زور ڏيندو آهي ته رياست ۾ عام ماڻهو کي هر ممڪن سهولت ميسر هوندي، مسئلا ۽ مشڪلاتون انهن جي گهر جي چائنٺ تي حل ٿين، اهو ئي مديني جي رياست جو ماڊل آهي، اصل ۾ اسان جي ??نزل جو تعين ٿي چڪو آهي ۽ اسان جي رخ به درست آهي، منزل تائين پهچڻ جي ??اءِ وقت لڳندو آهي ۽ رستي ۾ رڪاوٽون به اينديون آهن، انهن سمورين رڪاوٽن کي اسان عبور ڪري پ??هنجي ??نزل مقصود تائين پهچڻو آهي.