اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سي پيڪ علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ جو هڪ ذريعو آهي، سي پيڪ نه رڳو پاڪستان ??ر پوري وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ رابطن کي اڳتي وڌائيندو، ان ??نصوبي سان چين ۽ پاڪس??ان کانسواءِ ايران، افغانستان، ڀارت، وچ ايشيائي رياستن ۽ خطي جا ٻيا ملڪ به لاڀ پرائيندا، پاڪس??ان خطي ۾ امن، ترقي ۽ معاشي استحڪام جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي را??داري بابت پارلياماني ڪم??ٽي جي اهتمام هيٺ سي پيڪ جي حوالي سان ??نعقد بحث مباحثي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، بحث مباحثي جو عنوان سي پيڪ ت??ت سيڙپڪاري، واپار ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار آهي.