اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ??يو آهي ته ڪورونا وائرس سبب موت جي شرح ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني نه بڻايو ويو ته صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي، حڪ??مت طرفان وبا جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي مطئمن آهيان پر عوام کي اپيل آهي ته هو حالتن جي نزاڪت کي سمجهي ۽ احتياط ڪري. نجي ٽي وي چيئنل سان ??الهائيندي هن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال ج?? ڪري موسم ۽ رهڻي ڪهڻي فيڪٽرز آهن، جيڪڏهن ماڻهو احتياط ڪن ته ڪورونا خلاف جنگ تيزي سان ??ٽي سگهجي ٿي، ٻي صورت ۾ حڪ??مت سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.