اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ??ميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. پاور ڊويزن گردشي قرضن جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته گردشي قرضن ۾ اضافو روڪڻ ل??ءِ گردشي قرض جي انتظام و انصرام جي منصوبي تي عملدرآمد جو آغاز ڪيو ويو آهي. توانائي بابت ڪابينا ??ميٽي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات بجلي کان ميٽر ليس ??مارٽ ميٽرنگ سسٽم جي باري ۾ پيش ڪيل تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي، ڪميٽي پاور ڊويزن ۽ آءِ ٽي اينڊ ٽيلي مواصلات کي هدايت ڪئي ته هو تجويز ڪيل ڊزائين تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ۽ ڪميٽي کي گڏيل تجويزون پيش ڪن، پيٽروليم ڊويزن بلوچستان صوبي ۾ صنعتي گئس ڪنيڪشن جي عمل کي آسان بڻائڻ جي ل??ءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي، ڪابينا ??ميٽي تجويز ڪيل ڪميٽي جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته ان جون سفارشون هڪ مهيني ۾ ڪميٽي کي پيش ڪيون وڃن.