اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته مديني جي رياست انصاف ۽ انسانيت تي ٻڌل حقيقي فلاحي رياست هئي، نادرا پا??ان وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ جاري ڪر?? خوش آئنده آهي. هتي ليٽر آف ايڊمنسٽريشن ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪر?? جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مديني جي رياست عوام لاءِ ٺهي هئي، وقت جي خليفي پنهنجي مٿان پئسو خرچ نه ڪيو، جيڪو عوام تي پئسو خرچ ڪندو هو. هن چيو موجوده حڪومت به عام ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪر?? جون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن عام شهري مستفيد ٿين، هن چيو ته نئون قانون جاري ڪيو ويو آهي، هاڻي وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ ملي ويندو ۽ اوورسيز پا??ستانيز به ان مان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ قبضا گروپ آهن جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن، اوورسيز پا??ستانين جي زمينن تي قبضو ڪندا آهن ۽ متاثر ماڻهو پئسا ڏئي قبضو ڇڏرائيندا آهن، هن چيو ته جڏهن اسان جو عدالتي نظام بهتر ڪم ڪندو ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي.