اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام ڪڏهن به ڪرپشن بچائڻ يا ذاتي مفادن جي ل??ءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، پي ڊي اي?? جي تحريڪ کي پذيرائي نه ملي سگهي، وزيراعظم عمران ??ان مخالف ڌر جي دٻاءُ ۾ نه آيو ۽ نه ئي ايندو، ڪرپشن جي خلاف سفر جاري رهندو، وزيراعظم يا ڪابينا جي ڪنهن ميم??ر اڃا تائين ڪورونا بچاءُ ويڪسين ناهي لڳرائي، پارليام??نٽ جو پنهنجو وقار آهي، هتي چونڊيل عوامي نمائندا اچن ٿا، غيرچونڊيل ماڻهو اچي سياسي طور تي پارليام??نٽ جو استعمال ڪرڻ غلط آهي، مخالف ڌر حڪومت مخالفت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جي بل جي مخالفت ڪئي، ان ??ي مذمت ڪريون ٿا، ميڊيا هائوسز کي اشتهارن جي مد ۾ ڪافي حد تائين ادائيگيون ڪري ڇڏيون آهن، ايندڙ هفتي وڌيڪ 5 ڪروڙ ادا ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ميڊيا مالڪن کي اپيل آهي ته اهي ڪنهن به حالت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جون پگهارون دير سان ??دا نه ڪن، وزيراعظم کي تجويز ڏني آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي به صحت ڪارڊ ڏنو وڃي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ۾ ڳالهائي رهيو هو.