اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان مستونگ روڊ ڪوئيٽا ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي ڪالعدم ٽي ٽي پي جي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردن جي غيرملڪي پٺڀرائي سان ٺاهيل منصوبن کي ناڪام ۽ ملڪ کي مح??وظ بڻائڻ جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم عمران خان مستونگ روڊ ڪوئيٽا ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي خودڪش حملي جي مذمت ڪئي آهي. وز??راعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. وز??راعظم چيو ته هو غيرملڪي پٺڀرائي سان ٺاهيل دهشتگردن جي منصوبن کي ناڪام ۽ ملڪ کي مح??وظ بڻائڻ جي لاءِ قربانيون ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿو.