اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر پنهنجي رام ليلي جي ڪهاڻي ٻڌائي، پهريون ڀيرو اهڙو مجرم ڏٺو آهي جنهن کي ٽرائل ڪورٽ مان سزا ٿي هجي ۽ ان جي خلاف اپيل کڻي وڃي ۽ وري التوائون وٺڻ شروع ڪري ڇڏي، پانامه ڪيس ۾ 400 ماڻهن مان نواز شريف کانسواءِ ڪهڙو وزيراعظم هو جنهن جي خلاف ڪارروائي نه ٿي، ??ڏهن پانامه ڪيس سامهون آيو، نواز شريف قوم کي خطاب ۽ پوءِ پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي ذريعن بابت ڪوڙ ڳالهايون، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هليو ته رڪارڊ بدران قطري خط پيش ڪري ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪ??ي وزير فرخ حبيب وزيراعظم هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، فرخ حبيب چيو ته ڪنهن به عدالت ۾ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، رڪارڊ جمع ڪرائڻ به جرم آهي، ??ي آءِ ٽي ٺهي ٿي ته ان جي سامهون به پنهنجو پاڻ کي بي گناهه ثابت نه ڪري سگهيا، هڪ ملڪ جو وزيراعظم ٻي ملڪ ۾ چپڙاسي جي نوڪري ڪندي پڪڙيو ويو، اقاما مني لانڊرنگ جي لاءِ رکيا ويا آهن، چوري ۽ سينا زوري ڪندا آهن، جيڪي عدليا تي اڄ حملا جاري آهن اهي ماضي ۾ پاناما اسڪينڊل ۾ حملن جهڙا آهن، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته انهن ٽيپن ۽ وڊيوز تي ايترو ئي اعتبار آهي ته ثبوتن جي طور تي اهي عدالت ۾ پيش ڪري، فرخ حبيب چيو ته اڄ تائين فليٽس جون رسيدون ناهن آيون، توهان جي ڀاءُ چيو هو ته الحمد الله چار فليٽس اسان جا ۽ بينيفشل اونر مريم صفدر آهي، ??مران خان 22 سالن جي جدوجهد، عوام کان ووٽ وٺي آيو، توهان وانگر جنرل جيلاني جي گُلدستي مان ناهي آيو، مشرف جا پير جهلي اين آر او وٺي ڪيسز بند ڪرايا هجن اهي ڪيئن خودمختيار عدليه کي تس??يم ڪندا، انهن جي تاريخ ڪنهن کان لڪيل نه آهي، ??نهن کي رسيدون جمع ڪرائڻ ۽ ذريعا ٻڌائڻا پوندا، ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته مريم صفدر تس??يم ڪري ورتو ته پاڪستاني ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ اشتهار بند ڪرڻ واري آڊيو سندس جي آهي، مريم صفدر ڪهڙي حيثيت سان عوام جي ٽيڪس مان ڏنل اشتهارن کي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ چوري جي تحفظ لاءِ استعمال ڪري رهي هئي، فرخ حبيب چيو ته ميڊيا جي آزادي تي ان جي منافقت کلي سامهون اچي وئي آهي، ??ها شريف خاندان جي نڪ جي پڪائي آهي ته هر غلط ڪم جو اعتراف ندامت بدران فخر واري انداز ۾ ڪندا آهن، مريم صفدر وزيراعظم هائوس ۾ ويهي ٽي وي چئنلز جا اشتهار بند ڪري ص??اف??ن کي بيروزگار ڪري رهي هئي، فرخ حبيب چيو ته هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان تي ص??اف?? تنظيمون ۽ ميڊيا مالڪ ڪهڙو رد عمل ڏين ٿا.