اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) تيرهون ٻن ڏينهن وارو ايشيا – يورپ سربراهه اجلاس خميس تي ڪمبوڊيا ۾ شروع ٿي وي??، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نوم – پنهه ۾ منعقد 13 هين ايشيا يورپ ورچوئل اجلاس (اسيم) ۾ پاڪستاني وفد جي ق??اد?? ڪري رهيو آهي. ايشيا يورپ ميٽنگ، ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ غير رسمي ڊائلاگ ??ور?? آهي جيڪو ٻنهي خطن کي درپيش سياسي، اقتصادي ۽ س??اجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بڻايو وي?? آهي، ان ??ور?? جو بنيادي مقصد گڏيل احترام ۽ برابر حصيداري جي جذبي سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي، اجلا?? ۾ ??ڄي دنيا جا اڳواڻ، موسمياتي تبديلي، پائيدار ترقي جي هدفن 2030ع جي ايجنڊا، آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ اسيم جي مستقبل جي اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. سربراهي اجلاس جي پهرين ڏينهن شرڪت ڪندڙن موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيندي ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلا?? ۾ ??سيم ??ور?? جي منفرد ۽ غير رسمي نوعيت کي برقرار رکندي مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ممڪن حڪمت عملي جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پنهنجي بيانن ۾ اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، پاڪستان جي نمائندگي ڪندي اسيم ??ور?? کي خطاب ڪندو ۽ افغانستان سميت علائقائي امن ۽ س??امتي بابت معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.