اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته ??ريءَ ۾ سخت برفباري ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان انتهائي افسوسناڪ آهي، پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، هن وقت حڪومت جي ترجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، برفباري بابت انتظاميا شهرين کي اطلاع ڪندي رهي آهي، مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي ل??ءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ??ٿيا گليءَ سان گڏ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي سرحدي جڳهه باڙيان ۾ اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اتي سخت برفباري جي ڪري رستا بند ٿيڻ سان امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. فر?? حبيب چيو ته ??اڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، حڪومت جي ترجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي. مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي ل??ءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ??اڻي باڙي??ن واري جڳهه تي وڏي مشينري سان امدادي ڪارروايون جاري آهن، هن مشڪل صورتحال ۾ مقامي ماڻهن جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي جن سيا??ن جي ل??ءِ پنهنجي گهرن جا دروازا کولي ڇڏيا، باقي مقامي ماڻهو به اڳتي اچن، مريءَ ۽ ڀرپاسي ۾ سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي ل??ءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، ڦاٿل سياحن کي گرم ڪپڙا، ڪمبل، کاڌي پيتي جون شيون به پهچايون پيون وڃن.