اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ سپريم ڪ??رٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت صدارتي ريفرنس فائل ڪيو ويندو، سپريم ڪ??رٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جي ميمبرن واضح طور تي ??ارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي آئيني حيثيت ڪهڙي هوندي، ريڪوزيشن تي اسيمبلي اج??اس جي تاريخ ڏيڻ اسپيڪر جي صوابديد آهي، سپريم ڪ??رٽ جو پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪو آهي ته جتي ??ااهلي جو مدو لکيل ناهي اتي ??ااهلي تاحيات هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن جي اج??اس کانپوءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪي ماڻهو قيد ڪيا ويا آهن کين آزاداڻي فيصلي جو اختيار هجڻ گهرجي ۽ کين آزاد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آرٽيڪل 63 ون اي تي ابهام ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪ??رٽ کان پڇيو آهي ته توهان ٻڌايو ته هارس ٽريڊنگ جي آئين اجازت ڏي ٿو يا نه، ان حوالي سان صدارتي ريفرنس به موڪلي رهيا آهيون جنهن تي سپريم ڪ??رٽ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي ۽ ان تي عملدرآمد ڪنداسين. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪ??رٽ جي پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪي آهي ته جتي ??ااهلي جو مدو لکيل ناهي اتي ??ااهلي تاحيات هوندي ۽ اسان سپريم ڪ??رٽ کان به پڇيو آهي ته جيڪي ماڻهو نااهل هوندا، اهي ٻيهر اليڪشن وڙهي سگهندا يا تاحيات انهن تي ??ابندي هوندي، هن چيو ته صدارتي ريفرنس سومر تي داخل ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ سپريم ڪ??رٽ جي رجسٽرار ٻڌايو آهي ته شوڪاز جو پراسيس الڳ هوندو، شوڪاز نوٽيس اسپيڪر ڏانهن موڪليا ويندا، هڪ طرف اسپيڪر نااهلي جي ڪارروائي شروع ڪندو ۽ ٻي طرف سپريم ڪ??رٽ کي چئي رهيا آهيون ته ان ريفرنس جي روزاني جي بنياد تي ??ڌڻي ڪري فيصلو ٻُڌائي. چوڌري فواد حسين چيو ته گهرو وزير شيخ رشيد احمد جائز طور تي سنڌ حڪومت جي غير آئيني قدمن کان وفاق کي آگاهه ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان چيو آهي ته اهو آپشن موجود آهي، هن چيو ته تنهن هوندي به اسان فيصلو ڪيو آهي ته في الحال ان تي عمل نه ڪنداسين پر آئيني بحران اهڙي طرح جاري رهيو ته ان تي غور ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ عظيم عاليشان جلسي جون تياريون ڀرپور طريقي سان جاري آهن، 27 مارچ تي ??اڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اج??اس گهرائڻ اسپيڪر جو اختيار آهي، جنهن جي اڃان تاريخ حتمي نه آهي، هن چيو ته رانا ثناءُ الله 25 مارچ تي اچڻ چاهي ته اچي وڃي، کيس پاڻي به پيارينداسين ۽ خاطر خدمت تي به غور ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرٽيڪل 63 ون اي تحت ٻه ڌار ڪارروايون ٿي رهيون آهن، هڪ ڪارروائي نااهلي لاءِ ۽ ٻي ڪارروائي سپريم ڪ??رٽ کان ٻه ڌار پڇيل سوالن بابت آهي، هن چيو ته اسپيڪر وٽ اختيار آهي، هو فيصلو ڪندو ته ريفرنس جو انتظار ڪرڻو آهي يا نه ۽ تاريخ اسپيڪر مقرر ڪندو.