اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه مصر جي پرڏ??هي وزير سامح حسن شڪري پرڏ??هي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏ??هي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي مصري پرڏ??هي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ڀ??ئر ملڪ آهي. هن چيو ته مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مصر جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. ٻنهي ڀ??ئر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان موقف ۾ هم آهنگي اطمينان جو سبب آهي. مصر جي پرڏ??هي وزير سامح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.