لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو، گورنر هائوس لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم سان ??لاقات ڪئي، ان ??وقعي تي 193 پي ٽي آءِ ميمبرن چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب اسيمبلي ۾ ليڊر آف دي هائوس طور نامزدگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ آهي ۽ ڪير سان گڏ نه آ??ي. ??ن چيو ته وڏي وزير عثمان بوزدار عاجزي، انڪساري ۽ رات ڏينهن محنت سان ساڍا ٽي سال گذاريا ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وقت ثابت ڪندو ته وڏي وزير جي ڪارڪردگي بهترين هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ??و، منهنجي نظر ۾ ان جو قد وڌي ويو آ??ي. ??ن چيو ته پنج 6 مهينن کان ??اهرين سازش جو پلان بڻجي رهيو هو ۽ هتي جا رانديگر ان جو حصو هئا، مون کي خوشي آهي ته پارٽي جا ماڻهو اسان سان گڏ بيٺل آهن، هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي پاڻ ڏسندس، مون کي خوشي آهي ته منهنجي ٽيم گڏ بيٺل آهي، هن عورتن اسيمبلي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان تيزي سان بدلجي رهيو آهي، تڪن ۾ سياست به بدلجي وئي اهي ۽ هاڻي سڀ قومي غي??ت ۽ خودداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته چوڌري پرويز الاهي کي پورو يقين ڏياريان ??و ته پارٽي توهان سان گڏ بيٺل آهي ۽ توهان کي ڪامياب ڪرائيندي. ان ??وقعي تي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار چوڌري پرويز الاهي جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته وقت ثابت ڪندو ته هي هڪ بهترين فيصلو هو. هن چيو ته گڏيل سهڪار سان ??نهي پارٽين کي سگ??ه ملندي، پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونسازي ڪئي ۽ ختم نبوت سميت قرآن مجيد جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي، ان ??وقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه سميت ٻيا به موجود هئا.