اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب اهلڪار جي سزا برقرار رکي آهي. صدر نيب اهلڪار جي ڪرپشن جي لاءِ سرڪاري معلومات ليڪ ڪرڻ تي ??زا جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي ڪيسز ۾ ملوث ٻين آفيسرن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري، افسوس جو بدعنواني جي خاتمي لاءِ ذميوار ادار?? نيب جي اندر ئي ڪرپشن ڪئي وئي، تفصيل موجب نيب جي اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري (بي ايس 16)، نعمان اقبال، غيرقانوني طور تي ??يرمجاز ماڻهن کي سرڪاري معلومات ڏني، انڪوائري ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ??هلڪار کي 5 سال جي لاءِ هيٺئين پوسٽ تي ??نزلي جي سزا ڏني وئي. نيب اهلڪار سزا جي خلاف صدر کي اپيل ??اخ?? ڪري رکي هئي. نيب ڪراچي سورس رپورٽ جي بنياد تي ??نڪوائري جي اپيل ڪندڙ جي موبائيل مان ڳجهو رڪارڊ مليو. نيب اهلڪار جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ دستاويزن سان پڻ ڏوهه ثابت ٿيو. نيب نعمان اقبال جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. انڪوائري ڪميٽي درخواستگذار کي بدانتظامي ۽ سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي الزام ۾ قصوروار قرار ڏنو. نعمان اقبال نيب اييمپلائيز سروسز رولز تحت صدر کي سزا جي خلاف اپيل ??اخ?? ڪئي. صدر چيو ته نيب اهلڪار فيصلي جي خلاف ڪو معقول سبب يا اضافي جواز فراهم نه ڪيو، اهڙي ماڻهو جي لاءِ 5 سال جي سزا انصاف نه آهي، سزا وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي ها. صدر اپيل رد ڪندي چيو ته نيب ??عا??لي ۾ ملوث بين آفيسرن جو قصور ثابت ٿيڻ تي ??نهن کي دوکيبازي، ملڪ جو تشخص خراب ڪرڻ تي ??زا ڏي.