اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته س??ي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌ??ڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، هنرمندي انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ نيشنل ا??ڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ نيشنل ا??ڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ يونيورسٽي جي سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽيون اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌ??ڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، پاڪستان سان گڏوگڏ س??ي دنيا ۾ هنرمند ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته شاگردن جو تعداد وڌائڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ اسڪلز يونيورسٽي هڪ ڪميٽي جوڙي، هنرمندي افرادي قوت جي مارڪيٽ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ مختصر ڪورسز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ٻه شفٽون شروع ڪرڻيون پونديون، هنرمند انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو، ا??لاس ۾ نيشنل ا??ڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي ٽئين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي، ا??لاس ۾ مير چاڪر خان رند يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، ڊيره غازي خان سان مفاهمت جي يادداشت جي به منظوري ڏني وئي، يادداشت تحت ادارن جي وچ ۾ تحقيق، تعليم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تربيتي پروگرامن کي فروغ ڏنو ويندو.