اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گ??يل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي ??اڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي ??اڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير ??اڻ?? ثناءُ الله ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير افضل محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ??يادت سان پاڪستان جي ??يادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي ??يادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا لاڳاپا نئين ب??ند??ن تي پهتا. هو پاڪستان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تائين ياد رکندي. گڏيل عرب امارات جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.