اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آ??ي ته پاڪستان چين جي وچ ۾ 71 سالا اس??ري??جڪ لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين مشڪل حالتن جا دوست آهن، ذوالفقار علي ڀٽو چين پاڪستان لاڳاپن جو معمار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا سي پي?? ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چين جي دوري تي ويا، مارچ 2013ع ۾ گوادر پورٽ کي چين جي تعاون سان آپريشنلائيز ڪيو ويو. سي پي?? جي ذريعي انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا، راجا پرويز اشرف چيو ته وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ سان رابطاڪاري لاءِ گوادر پورٽ اهم آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ سي پي?? منصوبن جي جلد پڄاڻي جي حوالي سان دلچسپي وٺي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، خاص طور بلوچستان ۽ عام طور تي سڄي خطي ۾ سي پي?? منصوبي جي ذريعي خوشحالي ايندي، سي پي?? کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ميڊيا جي به ذميداري آهي ته هو سي پي?? جي حوالي سان جعلي خبرن کي جاءِ نه ڏي، ٻنهي ملڪن جي ميڊيا کي هڪٻئي سان مثبت خبرن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پي?? جي حوالي سان غلط خبرن ۽ پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اهو سي پي?? هڪ فلنگ منصوبو آ??ي ۽ موجوده حڪومت ان کي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آ??ي.