اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي، توهين آميز جملن جي معاملي تي ڀارتي سفارتڪار کي گهرائي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ڀارت ڪنهن ٻي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي ئي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ڀارت کي ڪ??مير ۾ ظلم بند ڪري اتي فوري گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزا??اڻ?? راءِ شماري ڪ??ائڻ گهرجي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفن?? ڏئي رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چي?? ته ڀارتي بي جي پي جي ٻن عملدارن پاران توهين آميز جملن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، هن چي?? ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود مختلف سفارتڪارن کي ڀارت ۾ توهين آميز جملن، هند?? توا جي فروغ ۽ اقليتن تي ڀارتي ظلم کان آگاهه ڪيو، جيڪڏهن ڀارت ۾ ٿوري به اخلاقي جرئت آهي ته هو فوري طور تي ان بي جي پي عملدارن جي بيانن جي مذمت ڪري، ڀارت انهن عملدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، هن چي?? ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي فروغ ڏئي رهيو آهي، پاڪستان 600 کان وڌيڪ سک ياترين کي مقدس ماڳن جي ياترا لاءِ ويزا جاري ڪ??ي، هن ٻڌاي?? ته جرمن پرڏيهي وزير انا لينائبير بوڪ پاڪستان جو دورو ڪيو، بدقسمتي سان ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪ??ي جرمن پرڏيهي وزير کي دورو مختصر ڪرڻو پيو، هن ٻڌاي?? ته ايراني سفير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم بلوچستان ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ ايران جي مدد تي ٿورو ادا ڪيو، هن چي?? ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۽ آذربائيجان جي سفارتخاني پاران گڏيل تقريب جو انعقاد ڪيو ويو.