رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته رشڪئي ا??تصادي زون ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي ا??در مڪمل ڪيا وڃن ۽ سمورين رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن اها هدايت رشڪئي ا??تصادي زون جي دوري دوران جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزي ساجد طوري، وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور، چيني ڪمپني جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي رشڪئي خصوصي ا??تصادي زون تي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏن?? وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه رشڪئي خصوصي ا??تصادي زون 10000 ايڪڙ تي ٻڌل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ??ه رشڪئي ا??تصادي زون کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت خيبرپختونخواهه اڪنامڪ زونز ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني ۽ CRBC (هڪ سرڪاري چيني ا??ٽرپرائيز) جي تعاون سان SPV يعني رشڪئي اسپيشل اڪنامڪ زون ڊيولپمينٽ اينڊ آپريسن ڪمپني جي ذريعي ٺاهيو پيو وڃي. ان ڪمپني ۾ KPEZDMC جا 9 سيڪڙو ۽ CRBC جا 91 سيڪڙو شيئرز آهن جيڪو ان نوعيت جو پهريون معاهدو آهي. چيني ڪمپني ا?? خصوصي ا??تصادي زون جي آپريشنز جي ذميوار آهي. رشڪئي خصوصي ا??تصادي زون ۾ لائيٽ انجنيئرنگ، آٽو موٽيو، ڪنسٽرڪشن ۽ فوڊ پروسيسنگ ۽ روانگي واپار کي نظر ۾ رکندي شعبن کي هدف بڻايو ??هي جنهن ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ سڌوسنئون ۽ اڻ سڌيون نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ اقتصادي سرگرميون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ??ه رشڪئي خصوصي ا??تصادي زون ۾ ٻن صنعتي يونٽس جي تعمير جو ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ صنعتي يونٽس جي تعمير جي شروعات به جلد ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ زون تائين گئس جي فراهمي يقيني بڻائي ڇڏي آهي جڏهن ته نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني زون تائين بجلي جي فراهمي جي لاءِ گرڊ اسٽيشن ٺاهي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي ا??تصادي زون ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڏني ويندڙ مقرر مدي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي ا??تصادي زون جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ جتي جتي هم آهنگي جي کوٽ ۽ مشڪلاتون آهن انهن کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃي. وڌيڪ اها هدايت ڪئي ته چيني ڪمپني کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن خصوصي ا??تصادي زون تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ??ه اسان سڀني کي گڏجي صنعتي ترقي ۽ روينيو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ??ه چين ۽ پاڪستان جون ڪمپنيون هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ??ه ننڍن صوبن ۾ اقتصادي زونز جي تعمير اسان جي ترجيح آهي. وزيراعظم رشڪئي خصوصي ا??تصادي زون سائيت جو دورو پڻ ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.