اسلام آباد ?? 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. بجي?? تي عام بحث دوران وزيراعظم ايوان ۾ ڪافي دير تائين ويٺل رهيو. قومي اسيمبلي اچڻ تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ جي بجي?? تي تقرير غور سان ٻڌي ۽ هڪ موقعي تي ذاتي وضاحت پڻ ڪئي. ان دوران مسلم ليگ (ن) جي ڪيترن ئي ميمبرن وزيراعظم سان قائد ايوان جي سي?? تي وڃي ملاقات پڻ ڪئي.