اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ممنوعه ف??ڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عمران خان تي فرد جرم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عمران خان تي فرد جرم آهي ته هن ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرايو ۽ غيرقانوني غيرملڪي فنڊنگ وصول ڪري پاڪستان جي آئين جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙو ترين شخص ??ابت ٿيو آهي. قوم کي غيرملڪي فنڊنگ جي سياسي اثرن تي غور ڪرڻ گهرجي.