سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت پسند اڳواڻ سيد علي گي??اني جي پهر??ن ورسي??َ اڄ ملهائي ويندي، جڏهن ته سندس پهر??ن ورسي جي موقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوسٽر هنيا ويا آهن جن ۾ ماڻهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي پهرين سيپٽمبر خميس ڏينهن بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گي??اني جي پهر??ن ورسيءَ جي موقعي تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ مڪمل هڙتال ڪن ۽ حيدر پوره طرف مارچ ڪن. ڪشمير ميڊيا سروس مو??ب سيد علي گي??اني گذريل سال پهرين سيپٽمبر تي ڀارتي پوليس جي حراست ۾ حيدر پوره سرينگر ۾ پنهنجي رهائش تي لاڏاڻو ڪري ويو هو جتي کيس هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين مسلسل نظربند رکيو ويو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اڳ ۾ ئي پهرين سيپٽمبر تي مڪمل هڙتال ۽ حيدر پوره طرف مارچ جي ڪال ڏئي رکي آهي.