راولپنڊي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ??وج جي سر??را??ه جنرل قمر جاويد باجوه خميس ڏينهن ڊي آءِ خان ۽ روجهان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، آرمي چيف متاثرن کي خاطري ڪرائي ته مشڪل جي هن وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪ ??وج مدد ڪندي رهندي. آءِ ايس پي آر مطابق روجهان دوري جي موقعي تي آرمي چيف پاڪ ??وج جي زميني جٿن کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجون ذميواريون عظيم مقصد سمجهي ادا ڪن ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين. بعد ۾ آرمي چيف ڊي آءِ خان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي آرمي چيف کين تسلي ڏني ۽ هن قدرتي آفت دوران مقامي رهائيشن جي همت جي تعريف ڪئي. آرمي چيف، ايف سي ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي جٿن کي هدايتون ڪيون ته هو ضرورت جي هن گهڙيءَ ۾ خيبرپختونخواهه جي ب??ادر ماڻهن جي وقت سر مدد ک?? يقيني ب??ائين.