نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي يو اي اي جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

image

نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن موجب نيويارڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات دوران گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں