نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران بجلي چوري جي خلاف ڪامياب مهم تي سمورن سرڪاري آفيسرن جي ڪوششن جي ساراهه

image

اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بجلي چوري جي خلاف ڪامياب مهم تي سمورن سرڪاري آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي قومي مقصد قرار ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاور ڊويزن، توانائي واري وزارت پنهنجي 53 ڏينهن جي بجلي چوري جي خاتمي واري مهم جي ذريعي 46 ارب رپين جي وصولي ڪئي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان انهن سمورن سرڪاري آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا جن ان قومي مقصد جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں