صدر پاران انشورنس ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا واپس ڪرڻ جي هدايت

image

اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب جي حڪم جي خلاف پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو آهي ته انشورنس ڪمپني صارف کي 45 لک رپيا واپس ڪري، انشورنس پاليسين جي وڪري کان اڳ ايجنٽن جي مفادن جو اظهار يقيني بڻائين، اڳواٽ ڪميشن ۽ مشڪل انشورنس مصنوعات جي ڪري صارفين ۾ غلط فهمي پاليسين جي غلط وڪري جو بنيادي سبب آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان درخواست تي چيو ته انشورنس پاليسين جي غلط وڪري جا واقعا سامهون آيا، انشورنس ڪمپنين سان ايجنٽن جي مفاد جي ٽڪراءُ جو انڪشاف يقيني بڻايو وڃي. انوارالحق (شڪايت ڪندڙ) فيبروري 2017ع ۾ ڪمپني کان 45 لک رپين جي پاليسي خريد ڪئي، شڪايت ڪندڙ 2022ع تائين ساليانو پريميئم باقاعدگي سان ادا ڪيو، 45 لک جمع ڪرايا، اڻوڻندڙ حالتن جي ڪري شهري سمورا فائدا بمع منافعو جمع ٿيل پريميئم واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي پر رقم واپس نه ڪئي وئي. رقم نه ملڻ تي شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو. انشورنس محتسب ڪمپني کي شڪايت ڪندڙ کي 43 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪمپني انشورنس محتسب جي حڪم جي خلاف صدر آڏو درخواست داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڪمپني شڪايت ڪندڙ کان 45 لک رپيا وصول ڪيا، ڪمپني شهري جي رقم کي ڪاروبار ۾ لڳايو ۽ ان مان ڪافي منافعو ڪمايو، ٻين جي ڏڍ تي غيرمنصفاڻي انداز ۾ ڪير به پاڻ کي دولتمند نه ٿو بڻائي سگهي، اهو انصاف جو اصول آهي ته جنهن کي ڪو نقصان نه ٿئي اهو ڪنهن فائدي جو مستحق نه آهي، شڪايت ڪندڙ کي منافعي ۾ ان جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، ڪمپني پاليسي جي موجوده روڪ قيمت رڳو 31 لک جي بنياد تي رقم جي واپسي کان بنا جواز انڪار ڪيو، ڪيترائي ڀيرا انشورنس پاليسين جي سنگين غلط وڪري جا واقعا سامهون آيا، مصنوعات جي ساخت، ايجنٽن جي اڳواٽ ڪميشن تي سنجيدگي سان نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، عام طور تي صارفين کي پاليسي ڇڏڻ تي نقصان کڻڻو پوي ٿو، وڏي ڪميشن کيسي ۾و جهندڙ ايجنٽ کي ورلي ئي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ٿو، ڪجهه وقتن تي پاليسي خريدار شرطن ۽ ضابطن کي چڱي طرح سان سمجهي نه سگهندو هو، ايجنٽ انشورنس – سيونگ پلان جي مُشڪلاتن جي ڪري اهم نقطن جي وضاحت نه ٿو ڪري سگهي، ڪجهه وقتن تي ايجنٽ ڄاڻي واڻي صارفين کي غلط انشورنس پلان خريد ڪرڻ جي لاءِ گمراهه ڪن ٿا، انشورنس محتسب جو فرض آهي ته پاليسين جي غلط وڪري تي ڪمپنين کي هدايت ڪري، ڪمپنيون پاليسيون وڪرو ڪرڻ وقت صارف جي سامهون ايجنٽن جا مفاد ظاهر ڪن، صارف کي ٻڌايو وڃي ته انشورنس ايجنٽ کي وصول ٿيندڙ پهرين پريميئم مان ڪيتري ڪميشن ملندي. صدر چيو ته پاليسي خريد ڪرڻ وقت صارف کي معلوم هجڻ گهرجي ته ايجنٽ جو منافعي جو تناسب ڇا آهي، رسول الله ﷺ واپارين کي شيءَ وڪرو ڪرڻ وقت منافعي بابت ڪوڙ نه ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي، انشورنس پاليسين جي معاملي ۾ خريداري جي وقت ڪو شفافيت نه آهي. صدر انشورنس محتسب جي حڪم جي خلاف پاڪ قطر فيملي تڪافل جي درخواست رد ڪري ڇڏي. صدر انشورنس ڪمپني صارف کي 30 ڏينهن جي اندر 45 لک واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil
متعلقہ مضامین
مزید خبریں