نگران وفاقي ڪابينا سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهه ٻولهه، حج پاليسي 2024ع ۾ ترميمن، هارڊ شپ حج ڪوٽا ۾ گهٽتائي، ٽريدنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي 200000 ميٽرڪ ٽن يوريا جي عالمي مارڪيٽ مان خريداري تي پيپرا رولز کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

image

اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهه ٻولهه، حج پاليسي 2024ع ۾ ترميمن، هارڊ شپ حج ڪوٽا ۾ گهٽتائي، ٽريدنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي 200000 ميٽرڪ ٽن يوريا جي عالمي مارڪيٽ مان خريداري تي پيپرا رولز کان ڇوٽ ڏيڻ، جمهوريه ڪانگو، ملاوي، زيمبيا، زمبابوي ۽ جمهوريه ڪرغز کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2024ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏني جن تحت سرڪاري ۽ نجي اسڪيمز جي غيراستعمال شده اسپانسرشپ ڪوٽا سعودي عرب حڪومت کي واپس ڪئي ويندي. وڌيڪ اهو ته سعودي عرب حڪومت جي قانونن موجب حج گروپس آرگنائيزرز جي مالي انتظامن جي حوالي سان هڪ فول پروف مانيٽرنگ سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. ان کانسواءِ نئين حج پاليسي موجب 10 سال کان گهٽ عمر جا ٻار به حج جو فرض ادا ڪري سگهندا. نجي حج اسڪيمز ۾ 80 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ خدمتگار گڏ رکڻ جي شرط ۾ نرمي ڪئي ويندي جڏهن ته حج گروپ آرگنائيزرز حاجين سان معاهدو ڪنديون جنهن تحت سعودي عرب ۾ رهڻ دوران مقامي معاون جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، ان نقطي کي سروس جي فراهمي جي معاهدي ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ ان جي خلاف ورزي تي حج گروپ آرگنائيزر کي ڏنڊ ۽ بليڪ لسٽ ڪري سگهبو. وڌيڪ اهو ته وفاقي ڪابينا هارڊ شپ حج ڪوٽا ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. مقامي معاونين جي ڪوٽا جو 50 سيڪڙو انهن پاڪستاني شاگردن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويندو جيڪي سعودي عرب جي مقامي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، انهن شاگردن جي مقرري ويلفيئر اسٽاف طور ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا پنهنجي گذريل اجلاس ۾ حج پاليسي 2024ع ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن جي سفارشن تي حج پاليسي 2024ع ۾ مٿي ڄاڻايل ترميمون ڪيون ويون آهن. وفاقي ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سفارش تي بئنڪن جي ان ونڊ فال منافعي، جيڪو انهن سال 2021ع ۽ سال 2022ع ۾ پرڏيهي ناڻي جي ڏيتي ليتي سان حاصل ڪيو، تي 40 سيڪڙو ٽيڪس هڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. فنانس ايڪٽ 2023ع تحت انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ سيڪشن D99 متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت ونڊ فال منافعي تي ونڊ فال ٽيڪس لاڳو هوندو. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي ٽريڊ آرگنائيزيشنز جي ريگيوليٽرز جي حڪمن جي خلاف اپيل ٻڌڻ، امپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع ۽ ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع جي شرطن ۾ ڇوٽ ۽ نرمي جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. واپار وارو وفاقي وزير ان ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ قانون وارو وفاقي وزير ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير شامل هوندا. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ملاوي، زيمبيا، زمبابوي ۽ جمهوريه ڪرغز کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي 18 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ 9 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سفارش تي ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ سال 24 – 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، هلندڙ سال جي لاءِ بجيٽ 267.590 ملين رپيا رکي وئي آهي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي سامونڊي جهازن جي محفوظ ۽ ماحول دوست ري سائيڪلنگ جي لاءِ هانگ ڪانگ عالمي ڪنوينشن 2009ع تي صحيحن ۽ ان حوالي سان الحاق جي معاهدي جو ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان ڪنوينشن تحت پاڪستان سامونڊي جهازن جي ري سائيڪلنگ جي لاءِ قانونسازي ڪندو ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل اهلڪارن کي تربيت ڏني ويندي ۽ صلاحيت وڌائي ويندي. وڌيڪ اهو ته ان ڪنوينشن تحت سامونڊي جهازن جي ري سائيڪلنگ دوران ڪنهن به خطرناڪ مواد کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ٽيڪنالوجيڪل اوزار حاصل ڪرڻ کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. ان کانسواءِ شپ ري سائيڪلنگ جي صنعت سان واڳيل مزدورن جو تحفظ پڻ يقيني بڻائي سگهبو، ان سان پاڪستان جي شپ ري سائيڪلنگ جي صنعت کي ڀرپور فائدو ٿيندو. وفاقي ڪابينا ڪابينا سيڪريٽريٽ جي سفارش تي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي 200000 ميٽرڪ ٽن يوريا جي عالمي مارڪيٽ مان خريداري جي لاءِ پبلڪ پرڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي رولز 2004ع جي رول نمبر 8، 13، 35، 38 ۽ 40 کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني.

مضمون کا ماخذ : sorteios quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں