نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ايران جي افغانستان معاملن بابت خاص نمائندي حسن ڪاظمي قمي جي ملاقات

image

اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي علائقائي استحڪام جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ايران جي افغانستان معاملن بابت خاص نمائندي حسن ڪاظمي قمي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پرامن ۽ مستحڪم خطي جو ويزن حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ هن افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي آصف دراني سان افغانستان جي صورتحال ۽ امن امان ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ علائقائي عمل تي وسيع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں