صدر سان گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن جي وفد جي ملاقات

image

اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي موجوده صورتحال ۽ مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته گلگت بلتستان جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي ۾ترقي جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، خطي جي عوام تعليم يافته ۽ ڀرپور صلاحيتن جي مالڪ آهي جتي خواندگي جي شرح هڪ خوش آئنده اشاريو آهي. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي قدرتي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، مقامي زراعت ۽ پوکيءَ کي ڀرپور صلاحيت موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت بلتستان جي مسئلن بابت لاڳاپيل فورمز کي آگاهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں