دهشتگردي سان اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي کي خطرو آهي: صدر آصف علي زرداري

image

اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردي سان اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي کي خطرو آهي، پاڪستان دهشتگردي کي هڪ گڏيل خطرو سمجهي ٿو. 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي لعنت جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد گروهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي اميد ڪريون ٿا. صدر چيو ته دهشتگرد گروهه اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي خلاف حملن ۾ ملوث آهن، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي جي قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، منهنجي گهرواريءَ ۽ ٻه ڀيرا چونڊيل وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردن جو مقابلو ڪندي پنهنجي حياتي ڏني آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اتحاد ۽ تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهندس. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ قومي سرحدن جي دفاع ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں