اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته “ڌرتيءَ جو ڏينهن” اسان کي پنهنجي سياري جي حفاظت جي لاءِ گڏيل ذميواري جي يا?? ڏياري ٿو، ڪاربن ۽ ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي “ڌرتيءَ جو ڏينهن” ملهائي رهيو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي موجوده ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ پنهنجي سياري جي حفاظت جي لا??ِ اسان جي گڏيل ذميواري جي يا?? ڏياري ٿو. وزيراعظم چيو ته اچو اسان پنهنجي ڪوششن ۾ ماحولياتي طور ??ي وڌيڪ باخبر رهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ ماحولياتي بهتري جي لاءِ قدم ۽ ڪاربن ۽ ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جو عزم ڪريون.