بنجول – 03 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گي??بي?? جي شهر بنجول ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن سال جي سربراهي اجلاس جو موضوع ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ آهي. اجلاس دوران پاڪستان کي متفقه طور تي او آءِ سي جي 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ بيورو آف پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس جو نائب صدر چونڊيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي خطاب ڪندي گي??بي?? جي پرڏيهي وزير ممدائو تنگارا کي سيشن ۽ 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سعودي عرب جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير غزه جي عو??م جي خلاف اسرائيلي جنگ سبب گذريل ڪي??رن ئي مهينن کان غزه جي عو??م جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غذائي کوٽ تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. تياري جي اجلاس دوران او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن سينيئر آفيشلز ميٽنگ (ايس او ايم) جي رپورٽ جي منظوري ۽ مختلف دستاويزن کي حتمي شڪل ڏني جن ۾ فلسطين مسئلو، او آءِ سي سربراهي ڪانفرنس جو حتمي پڌرنامو ۽ بنجول پڌرنامو شامل آهي.