اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پاڪستان گذريل ڏينهن افغانستان جي شهر هرات ج?? هڪ مسجد تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ??يو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت افغانستان جي عوام سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪن ٿا ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جا احساس ۽ دعائون متاثرين ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آ??ن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ??يو آهي ته پاڪستان عبادتگاهن تي ڪڌي حملن سميت ??ر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو.