اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي ملڪيتن تي حملو ڪرڻ ۽ انهن کي قبضي ۾ وٺڻ جي جاري ڀا??تي مهم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀا??ت پاران سخت بيان ۽ استعماري حڪمت عملي ڪشميرين جي آزادي جي عزم کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ انهن قدمن جا مستقبل ۾ به اهڙا ئي نتيجا نڪرندا. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير جي مختلف حصن ۾ تازو ئي شديد برساتن، ٻوڏ ريلن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ترجمان انهن آفتن جي متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿين??ڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ۽ او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گيمبيا جي جاري دوري کان ميڊيا کي آگاهه ڪندي چيو ته سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پاڪستان اجلاس دوران ڪشميرين جي خودمختيار جي حق، مس??ما?? امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي ضرورت، وڌندڙ اسلامو فوبيا، ماحولياتي تبديلي جي مسئلن، دهشتگردي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز سميت ٻيا مسئلا اٿاريندو.