اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان خوش قسمت آهي جنهن کي ??عو??ي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي، اميد آهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ ??عو??ي وفد سان پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جون ملاقاتون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ??عو??ي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسا?? افضل، ايس آءِ ايف سي جي قومي ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي وزيراعظم جي ??عو??ي عرب جي دوري بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ??عو??ي عرب جي ڪاروباري وفد جي اسلام آباد اچڻ ۽ متوقع شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي ??عو??ي عرب جي تازي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ??عو??ي عرب پاران ڪاروباري شخصيتن جي اعليٰ سطحي وفد جي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان جي دوري بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته ??عو??ي قيادت پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدمن تي مون سميت پوري قوم ??عو??ي قيادت جي ٿورائتي آهي. ??عو??ي عرب جي دوري جي بهترين تياري جي لاءِ سمورن لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ??عو??ي قيادت پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي، جيڪا خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??عو??ي وفد جي بهترين مهمان نوازي ڪئي وڃي. هن چيو ته اميد آهي ??عو??ي وفد سان پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جون ملاقاتون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. پاڪستان خوشقسمت آهي جنهن کي ??عو??ي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي. وزيراعظم چيو ته ??عو??ي فرمانروا سلمان بن عبدالعزيز ۽ ??عو??ي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا.