اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ڪاروبار?? وفد جي ڪامياب دوري کي ملڪي معيشت جي لاءِ اهم سنگل ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي ڪمپنين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جو جائزو ورتو آهي، سعودي وفد جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ نئون دور ڏٺو آهي، وفد جي سربراهه پاڪستاني عملدارين جي تياري کان تمام گهڻو متاثر ٿيو، وفد دوري جي اڳڀرائي کان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي ڪاروبار?? وفد پاڪستان جو دورو ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي مهمان نوازي جو کليل دل سان اعتراف ڪيو آهي. سعودي وفد جي سربراهه جهڙي انداز ۾ پاڪستاني عملدارن کي ساراهيو ان سان تمام گهڻي خوشي ٿي آهي 7 ڀائر ملڪ سعودي عرب ج?? وفد جنهن گرمجوشي جو مظاهرو ڪيو اهو منهنجي لاءِ فخر جوڳو آهي. سعودي وفد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان وزيرن جي تياري کي تمام گهڻو ساراهيو. هن دوري تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هو انتهائي خوشي سان واپس وڃي رهيا آهن ۽ واپس سعودي عرب وڃي ٻڌائيندا ته اسان پاڪستان ۾ هڪ نئون دور ڏٺو آهي. هتي اسان جي بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ٿيون. پاڪستاني عملدارن وفد کي ڀرپور طريقي سان پريزينٽيشز ڏنيون جيڪا اسان جي لاءِ انتهائي حوصلي جوڳي ڳالهه آهي. سعودي وفد دوري جي اڳڀرائي کان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪندو. وزيراعظم دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ واپار وار?? وفاقي وزير، پيٽروليم وار?? وفاقي وزير، ناڻي وار?? وفاقي وزير، هوابازي ۽ بجلي وار?? وفاقي وزير سميت لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ وزارتن جو وڏو اهم ڪردار رهيو آهي، انهن جون بهترين ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن جنهن تي انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هن دوري کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عملدارن جو هڪ اجلا?? طلب ڪيو آهي. هي انتهائي اهم ڏينهن هو.