پشاور-09 مئي (اي پي پي) 9 مئي 2023ع جا پرتشدد احتجاج، دفاعي ملڪيتن، ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملن جي واقعن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي. 9 مئي تي سرڪاري ۽ عسڪري ملڪيتن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ انهن کي باهيون ڏنيون ويون. ريڊيو پاڪستان پشاور، اي پي پي پشاور بيورو تي حملو ڪيو ويو. ريڊيو پاڪستان جي عمارت ۾ چاغي جي جبلن جي ماڊل کي ساڙي رک ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ 10 مئي 23ع تي وڳوڙين ريڊيو پاڪستان پشاور تي حملو ڪيو ۽ چئن منزلن تي ٻَڌل عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن ۾ چوٿين منزل تي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جو آفيس پڻ شامل هو. باهه سبب ان جو فرنيچر، اوزار، بجلي جا اوزار ۽ ڪمپيوٽر وغيره مڪمل طور سڙي تباهه ٿي ويا. ريڊيو پاڪستان پشاور جي عملدارن ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو ته چاغي ماڊل پشاور جي رهائشين لاءِ هر سال 28 مئي تي توجهه جو مرڪز بڻجندو رهندو هو جتي معاشري جي هر طبقي سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا ۽ ايٽمي پروگرام جي هيروز کي خراج تحسين پيش ڪندا هئا جن 26 سال اڳ چاغي بلوچستان ۾ ڪامياب ايٽمي تجربا ڪري پاڪستان جي دفاع کي اڻمٽ بڻائي ڇڏيو هو. عملدارن جو چوڻ هو ته حملي کانپوءِ پي بي سي جو پوري عملي لاءِ ٽرانسميشن جي ٻيهر شروعات هڪ وڏو چئلينج هو جڏهن ته اسان جي عملي جي عزم ۽ اجتماعي ڪوششن سان اسان حملي کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر ان جي نشريات کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته ان جي مقبول پروگرامن ۾ ڪاروان، پرائيم ٽائيم (اردو ۽ پشتو) ۽ رنگ پشاور (هندڪو) کان علاوه 1967ع ۾ آبادگارن کان شروع ڪيل پروگرام 1979ع ۾ شروع ڪيو ويو. هنداره (پشتو ڪرنٽ افيئر پروگرام) ماڻهن جي درخواستن تي ٻيهر شروع ڪيو ويو. عملدارن چيو ته جيتوڻيڪ اڪثر ريڊيو آرڪائيوز محفوط رهيا پر ڪمپيوٽر تي رکيل ٽيپ رڪارڊز کي يا ته نقصان پهتو يا هجوم پاڻ سان گڏ کڻي ويا جيڪو وڏو نقصان آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اختيار ولي چيو آهي ته هي نه صرف ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي پر ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن تي حملو آهي. هن چيو ته 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه حملي آورن جو مڪروه چهرو قوم آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو. ان مجرمن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي.