اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت 28، 29 مئي تي ”گنڌارا کان دنيا تائين“ جي عنوان سان هڪ سمپوزيم ۽ نمائش جو اهتمام ڪري رهي آهي. ان نمائش ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن، حڪو??تي عهديدارن، اسڪالرز، فنڪارن ۽ فن سان محبت ڪندڙن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي. تقريب ۾ سريلنڪا، نيپال، ٿائيلينڊ ۽ ويٽنام بشمول وزارتي سطح جا اٽڪل 25 غيرملڪي نمائندا شريڪ آهن. ان تقريب جو اهتمام ”ويسڪ ڊي“ جي سلسلي ۾ ڪيو پيو وڃي جيڪو ڀڳوان ٻڌا جي پيدائش، روشن خي??لي ۽ موت جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. ان جو مقصد پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي کي ظاهر ڪرڻ ۽ حڪومت پاران بين المذاهب هم اهنگي جي حو??لي سان اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.