لاهور – 10 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين جين يانگشينگ لاهور ۾ ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وز??راعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ 300 ارب رپين جي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهي آ??ي. وز??راعظم محمد شهباز شريف سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته سيڙپڪاري کانپوءِ 2025ع ۾ ڪمپني پاڪستان مان 100 ملين ڊالر جا ٽائر برآمد ڪري سگهندي ۽ ان سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وز??راعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار دوست پاليسين تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ٽائرز جي اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن تي وز??راعظم جا ٿورا مڃيا. وز??راعظم سروس لانگ مارچ ٽائرز جي پاڪستان ۾ پنهنجي آ??ريشنز کي سگهه ڏيڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وز??راعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آ??ي، پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا.