اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي وچ ۾ پرڏيهي آ??يس ۾ وف??ن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن واپار، ??وا??ائي، دفاع، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.