بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي، متبادل توانائي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ اس??ن جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اس??اق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد خان ??غاري ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته متبادل توانائي جو نظام ??ضبوط ڪرڻ اس??ن جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي حوالي سان سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت آهي. هن چيو ته بجلي چوري جي حوالي سان ??لڪ ۾ وڏيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. ان ??وقعي تي پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جي تيز رفتار تعمير ۽ معيار کي ساراهيو ?? هن پ??ڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سان ??فاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن تحت پاڪستان ۾ بجلي پهچ جو نظام بهتر ۽ لائين لاسز کي گهٽ ڪيو ويندو.