سکر – 24 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضي ڪچي جي ڏوهاري ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، ڪچي جي ماڻهن سان ڳالهين، ڏ??هن جي روڪٿام ۽ علائقي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪچي جي علائقي جي قبائلي سردارن تي ٻڌل قومي جرڳو گهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رياست آڏو هٿيار اڇلڻ تي راضي ڪچي جي ڏوهاري ماڻهن کي آهستي آهستي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي، ڪچي جي علائقي جي ماڻه?? جي سماجي ۽ ا??تصادي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڪچي جي علائقن ۾ رستن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي ترجيحي بنيادن تي بهتر بڻايو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري سکر جي دوري دوران سنڌ ۾ سيڪيورٽي، امن اما?? جي صورتحال جي حوالي سان گهرايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته رياست آڏو هٿيار اُڇلڻ تي راضي ڪچي جي ڏوهاري ماڻهن کي آهستي آهستي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي، ڪڌي ڏ??هن ۾ ملوث ڪٽر ڏوهاري?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ننڍي ڏ??هن ۾ ملوث ماڻه?? جي بحالي ڪري ملڪ جو ذميوار ۽ ڪارائتو شهري بڻائڻ گهرجي. صدر ڪچي جي علائقي جي ماڻه?? جي سماجي ۽ ا??تصادي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ رستن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي ترجيحي بنيادن تي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪچي جي علائقي جي قبائلي سردارن تي ٻڌل هڪ قومي جرڳو گهرايو وڃي، جرڳو علائقي ۾ ام?? جي فروغ، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ مقامي آبادي سان ڳالهيون ڪندو، قومي جرڳو ڏ??هن جي روڪٿام، علائقي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ايم اين اي سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪئي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر، صوبائي وزير، وفاقي، صوبائي، رينجرز ۽ ملٽري عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ صدر کي سنڌ ۾ امن اما?? جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. صدر پهرين مئي جي اجلاس دوران ڏنل هدايتن تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو. صدر کي بريفنگ دوران آءِ جي سنڌ پوليس ٻڌايو ته پوليس ۽ رينجرز جي موثر حڪمت عملي جي ڪري سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ ڏ??هن ۽ تشدد ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏٺو ويو آهي، ڌاڙيل?? جي سرگرمين ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي آئي آهي، گذريل ٻن مهينن دوران رستن تي ڪو ڏوهه رپورٽ نه ٿيو. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ٽارگيٽيڊ آپريشنز ۽ سمارٽ ڪئميرائون هڻڻ سان ڏوهارين تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي، ڪئميرائ?? جي مدد سان ڏوهارين ۽ ا??ه?? جي مددگار?? جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري ۾ مدد ملي آهي. ڊي جي رينجرز بريفنگ دوران ٻڌايو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز پاران 133 گڏيل آپريشنز ڪيا ويا، آپريشنز جي نتيجي ۾ سوين ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري پيشي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڏ??هن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪچي جي مختلف علائقن ۾ اضافي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صدر جي هدايت تي منشيات فروش?? جي خلاف مهم تيز ڪئي وئي آهي، 308 منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. صوبي جي داخلي رست?? جي نگراني جي لاءِ سمارٽ ڪئميرائون هنيون پيون وڃن، صد?? هدايت ڪئي ته صوبي جي سيڪيورٽي چئلينجز، ضرورتون موثر طريقي سان پوريون ڪرڻ جي لاءِ پوليس فورس کي جديد رخن تي قائم ڪرڻو پوندو، سنڌ پوليس کي جديد اوزار، هٿيار، مناسب انساني وسيلا، لاجسٽڪس مدد فراهم ڪري صلاحيت وڌائي وڃي. صد?? هدايت ڪئي ته فرض?? جي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پوليس اهلڪار?? جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، سنڌ پوليس ۾ عورت?? جي شموليت جي لاءِ انه?? جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سنڌ پوليس جي شهيد?? جي خاندانن ۽ ٻار?? جي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي. صدر سڪرنڊ پوليس ڪمانڊ ۽ اسڪول جي اپ گريديشن، پوليس واري ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ زمي?? جي فراهمي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي چونڊيل شاگردن کي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي، صدر ڏ??هن تي ضابطو آڻڻ، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ سنڌ حڪومت، پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.