اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته وزيراعظم شهباز شر??ف جو تاجڪستان ۽ قازقستان جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، وزيراعظم جي دوري دوران ??اپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جا معاملا اڳتي وڌيا آهن، وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ فلسطين تي پاڪستان جو واضح موقف پيش ڪري پاڪستان جي عوام جي دل جي آواز جي ترجماني ڪئي آهي، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان جاري آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ??ي لک کان ??ڌيڪ نئين ٽيڪس ڏيندڙن پنهنجا گوشوارا جمع ڪرايا، گ ذريل ٻن هفتن دوران جعلي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ڪندڙ چار هزار ماڻهن ۽ ڪمپنين جي نشاندهي ٿي، انڊر انوائسنگ تمام وڏو ڏوهه آهي، وزيراعظم جي هدايت آهي ته انڊر انوائسنگ ڪندڙ ڪمپنين جا ريفنڊ روڪيا وڃن، عزم استحڪام پوري ملڪ جو معاملو آهي، عزم استحڪام بابت ڪل جماعتي ڪانفرنس ??هرائڻ تي اتحادين سان ??شاورت جاري آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم جي تاجڪستان ۽ قازقستان جي دورن جا سٺا نتيجا سامهون ايندا، وزيراعظم تاجڪستان کان ??نهنجي دوري جي شروعات ڪئي، تاجڪستان ۾ پاڪستاني وفد کي تمام گهڻي پذيرائي ملي، تاجڪستان جي صدر پاڪستان جي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن ??يو ته وزيراعظم جي دوري دوران ڪراچي پورٽ سميت لينڊ روٽس ۽ ريل روٽس جي حوالي سان ??ڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي ۽ ڪاروباري طبقي کي سهولتن جي فراهمي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ??يو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان جي عوام واپار ۽ سيڙپڪاري مان ??ائدو کڻي سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته قازقستان جي دوري دوران ??زيراعظم جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان سائيڊ لائين ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو ۽ زراعت، مائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز سميت ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن ??يو ته ايندڙ ڏينهن ۾ روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۾ اضافو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم جي دوري دوران ترڪيه، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي جنهن ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ??يو ته وزيراعظم ڀرپور طريقي سان ??اڪستان جي نمائندگي ڪئي. هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شر??ف جي بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ??لاقاتن ۾ پڻ واپار ۾ اضافي ۽ ڪاروباري طبقن کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ??يو ته پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۾ اهي سموريون ملاقاتون اهم ڪردار ادا ڪنديون. هن ??يو ته وزيراعظم جي دوري جا ڏورس اثر پوندا، ان دوران جيڪي ملاقاتون ۽ ڳالهيون ٿيون، ان جي نتيجي ۾ ڪيترائي وفد پاڪستان ايندا. هن ??يو ته تاجڪستان ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي معاهدن ۽ ايم او يوز تي پڻ صحيحون ٿيون. هن ??يو ته واپاري ڪاٿي ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان ??عاملا اڳتي وڌيا آهن. وزيراعظم جي ڊپلوميسي سان تمام گهڻو فائدو ٿيو آهي. هن ??يو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف فلسطين جي حوالي سان ??اڪستان جو واضح موقف پيش ڪيو، ان کان اڳ ڪڏهن به فلسطين جي مسئلي تي ايترو واضح موقف پيش نه ڪيو ويو. هن ??يو ته وزيراعظم اسرائيل پاران ??عصوم ۽ مظلوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جو ذڪر ڪيو ۽ ??يو ته اسرائيلي جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي. وزيراعظم فلسطين ۾ 37 هزار فلسطينين جي شهادت جو پڻ ذڪر ڪيو. 20 لک ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هن ??يو ته غزه ۽ رفح ۾ اسپتالن تي بمباري ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم واضح طور تي ??يو ته اسرائيل کي جوابده بڻايو وڃي. پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي. هن ??يو ته فلسطينين، غزه ۽ رفح جي رهواسين جي حق ۾ وزيراعظم هر پاڪستاني جي دل جي ترجماني ڪئي آهي. وفاقي وزير ??يو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي حوالي سان ??ڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ??يو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ??ه رڳو پاڪستان ??ر پوري خطي جي حق ۾ آهي. ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم جي حڪمت عملي سان ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي پاڪستان حڪومت جو هڪ رپيو خرچ نه ٿيو، مڪينزي ڪارپوريشن دنيا جي ناليواري ڪنسلٽينسي فرم آهي جنهن کي ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي ذريعي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ان جا خرچ برداشت ڪيا آهن. هن ??يو ته اڄ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن جي دوران 45 لک اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي طاقت رکن ٿا پر ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن. اهڙن نان ??ائيلرز جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي اهل آهن ۽ گوشوارا جمع نه ٿا ڪرائين انهن کي فوري طور تي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. هن ??يو ته نان ??ائيلرز جو بار اهڙا ماڻهو برداشت ڪري رهيا آهن جيڪي ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. هن ??يو ته وزيراعظم پورٽس تي ڪسٽم اپريزنگ آفيسرن جو صوابديدي اختيار فوري طور تي ختم ڪرڻ ۽ اتي ڊيجيٽل نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن جي اندر ان حوالي سان ??دم کڻي رپورٽ طلب ڪئي آهي. هن ??يو ته حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران 3 لک کان ??ڌيڪ نوان ??يڪس ڏيندڙن پنهنجا گوشوارا جمع ڪرايا آهن. هن ??يو ته روي??يو کي وڌائڻ تي وزيراعظم جو تمام گهڻو فوڪس رهيو آهي. گذريل ٻن هفتن دوران جعلي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ڪندڙ چار هزار ماڻهن ۽ ڪمپنين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. انڊر انوائسنگ تمام وڏو ڏوهه آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته انڊر انوائسنگ ڪندڙ ڪمپنين جا ريفنڊ روڪيا وڃن. هن ??يو ته ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن سان گڏوگڏ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڪرپشن ۽ بدعنواني جي چارجز تي او ايس ڊي بڻايو ويو. هن ??يو ته ايف بي آر جا اهي آفيسر ڪسٽم سروس ۽ انڪم ٽيڪس IRIS سر??س سان تعلق رکن ٿا. هن ??يو ته ان کان اڳ به 21 ۽ 22 گريڊ جي آفيسرن کي او ايس ڊي بڻايو ويو هو. هن ??يو ته انٽيلي جنس ۽ محڪماڻي رپورٽس تي اهو قدم ک??يو ويو. هن ??يو ته وزيراعظم سـٺي آفيسرن جي پذيرائي پڻ ڪئي، ڪجهه مهينا اڳ انهن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا هئا. هن ??يو ته بدعنوان ۽ ڪرپٽ عنصرن جي خلاف ايڪشن ک??يو ويندو. وزيراعظم پهرين ڏينهن قوم کي خطاب ۾ ??يو هو ته بدعنوان عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ??يو ته حڪومت جي ڊيجيٽلائيزيشن سان گڏوگڏ بدعنوان عنصرن جي خلاف ڪارروائي تي ڀرپور ڌيان آهي. هن ??يو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڊيجيٽلائيزيشن سان ??عيشت کي ڪيترائي سئو ارب رپين جو فائدو ٿيندو، هي اهي شيون آهن جن جو آءِ ايم ايف سان ڪو تعلق نه آهي. هن ??يو ته ايف بي آر جو ادارو تيزي سان ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڌي رهيو آهي. هن ??يو ته رپئي جو مستحڪم ٿيڻ، پرڏيهي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيڻ، واپاري خساري جو گهٽ ٿيڻ، آءِ ٽي روانگي واپار جو وڌڻ اهي سموريون شيون مستحڪم معيشت طرف نشاندهي ڪن ٿيون. وفاقي وزير ??يو ته بجيٽ جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي وڌايو ويو آهي. هن ??يو ته پگهاردار طبقي تي 35 سيڪڙو ٽيڪس جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جيڪا غلط فهمي تي ٻڌل آهي، اهو 35 سيڪڙو جو 10 سيڪڙو آهي جيڪو جڏهن ادا ڪيو وڃي ته 3 سيڪڙو ٿيندو، ان غلط فهمي تي سوشل ميڊيا تي وڏيون خبرون هلايون ويون ته پگهاردار طبقي تي 35 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي جڏهن ته اهو 35 سيڪڙو ٽيڪس ته موجود هو ان 35 سيڪڙو تي 10 سيڪڙو سرچارج لڳو آهي جيڪو مجموعي طور تي 10 سيڪڙو نه آهي اهو ان 35 سيڪڙو جو 10 سيڪڙو آهي جيڪو اٽڪل 3 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن ??يو ته هڪ لک رپيا پگهاردار تي رڳو 1200 رپيا اضافي ٽيڪس لڳايو ويو آهي يعني جنهن جي هڪ لک رپيا پگهار آهي ان کي رڳو 2400 رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. هن ??يو ته نيوز پرنٽ تي ٽيڪس نه لڳڻ ڏنو ويو ته جيئن ميڊيا هائوسز ميڊيا ورڪرز کي وقت سر پگهارن جي ادائيگي کي يقيني بڻائين. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي لاءِ پي بي اي ۽ اي پي اين ايس پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن ??يو ته پرڏيهي پاليسي انتهائي ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي، اسان جي ٽيڪس جي نظام کي موثر بڻايو پيو وڃي ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي. هن ??يو ته پي آءِ اي جي نجڪاري تي آگسٽ جي مهيني ۾ تيزي سان اڳڀرائي ٿيندي، ان کانسواءِ خرچ به گهٽ ڪيا پيا وڃن. هن ??يو ته وزيراعظم ۽ حڪومت پهرين ڏينهن جن ترجيحن جو اعلان ڪيو هو انهن تي عملدرآمد ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ ان سان انشاءَ الله تمام گهڻي بهتري ايندي. صحافين جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ازبڪستان جي صدر سان ترمذ ۽ ڪراچي ويئر هائوسز قائم ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪراچي ۾ ازبڪ ڪاروباري ماڻهو فائدو کڻي سگهن ۽ اسان جا ڪاروباري ماڻهو ترمذ ۾ ويئر هائوس مان ??ائدو کڻي سگهندا. هن ??يو ته وچ ايشيائي رياستون پاڪستان کي اهم ملڪ سمجهن ٿيون. هن ??يو ته زراعت، مائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز سميت ٻين شعبن ۾ حصيداري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جيڪي زرعي اوزار ۽ ٽريڪٽرز تيار ڪري رهيا آهن، ان ۾ به حصيداري ٿي رهي آهي. پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي ٽريڪٽرز تيار ٿي رهيا آهن، هن سال پاڪستان ۾ ٽريڪٽرز جو رڪارڊ وڪرو ٿيو، پاڪستان ??ان ??ريڪٽرز ۽ زرعي اوزار برآمد ڪري سگهجن ٿا، ان تي به سائيڊ لائين تي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪم هلي رهيو آهي. آل پارٽيز ڪانفرنس جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عزم استحڪام آپريشن تي آل پارٽيز ڪانفرنس ??هرائڻ جي حوالي سان ??شاورت جاري آهي. هن ??يو ته آل پارٽيز ڪانفرنس بابت باني پي ٽي آءِ جو بيان به سامهون آيو آهي، الله ڪري هو ان تي قائم رهي، عزم استحڪام پوري ملڪ جو معاملو آهي، ان تي سمورين سياسي پارٽين کي آن بورڊ وٺڻ گهرجي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي شرڪت ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم واضح لفظن ۾ ??يو ته اسان سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، پاڪستان چاهي ٿو ته سمورن ملڪن جي حوالي سان سٺا لاڳاپا برقرار رهن، هن ??يو ته ر??س سان بارٽر ٽريڊ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ماضي ۾ به ر??س سان بارٽر ٽريڊ رهيو آهي. هن ??يو ته ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو مطلب اهو ئي آهي ته سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا هجن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته باجوڙ ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله جي شهادت تي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، وزيراعظم به ان ??اقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ??يو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ختم ٿيندي ته ملڪ ۾ مڪمل استحڪام ايندو. هن ??يو ته دهشتگردن جو نه ڪو رنگ آهي نه نسل، اهي پاڪستان ۽ پاڪستان جي نظريي جي خلاف آهن. هن ??يو ته عزم استحڪام هڪ ويزن جو نالو آهي، ان تي ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته توانائي واري وزير اويس لغاري نيپرا جي ٽيرف جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، توانائي وارو وفاقي وزير پنهنجو واضح موقف بيان ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته هڪ اعليٰ عهديدار جي ڌيءَ جي گاڏي سان حادثي جو شڪار ٿيل نوجوان جي پونئيرن کي انصاف ملڻ گهرجي، ان ڏس ۾ اسلام آباد پوليس غيرجانبداري جو مظاهرو ڪري، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.