اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ون آن ون ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف آذري صدر کي ڀليڪار چوندي چيو ته توهان کي پاڪس??ان ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ توهان جو پاڪس??ان جو دورو انتهائي خوش آئنده ۽ هڪ اهم سنگ ميل آهي، پاڪس??ان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ اقتصادي، توانائي، سياحت، ثقافتي، تعليمي، ٽيڪنالاجي، صحت جي سارسنڀال ۽ ماحولياتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي پاڻ ۾ رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ حصيداري کي وڌايو ويندو. وزيراعظم باڪو کي 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ميزباني ملڻ تي آذربائيجان جي صدر کي مبارڪباد ڏني ۽ ان حوالي سان پاڪس??ان جي ڀرپور معاونت جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. بعد ۾ وزيراعظم ۽ آذري صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آذري صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان پاڪس??ان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميري ماڻهن جي امنگن موجب آزاداڻي ريفرنڊم ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. آذري صدر چيو ته شروعاتي ط??ر تي آذربائيجان پاڪس??ان ۾ مختلف شعبن ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. هن چيو ته آذربائيجان اسلام آباد جي رنگ روغن ۽ خوبصورتي ۾ اضافي جي لاءِ تعاون ۾ اضافو ڪندو. ٻنهي طرفن باڪو ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ اڏامن ۾ اضافي تي پڻ اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم آذربائيجان ۾ پاڪستاني چانور جي ڊيوٽي فري برآمد جي فيصلي تي آذربائيجان جي صدر جا خصوصي ط??ر تي ٿورا مڃيا.