اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار ۽ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پا??ست??ن هڪ هزار ز??عي گريجوئيٽس کي اعليٰ تعليم ۽ تربيت لاءِ چين موڪليندو، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. اهڙو اظهار هن منسٽر ڪائونسلر، ايمبيسي آف پيپلز ريپبلڪ آف چائنا زوهينگ تيان سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات جو مقصد پا??ست??ني ز??عي گريجوئيٽس کي چين موڪلڻ جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ هو. ڄاڻايل اسڪالرشپ جو اعلان وزيراعظم پا??ست??ن جي تازي چين جي دوري دوران ڪيو ويو هو. وفاقي وزير چيو ته اسڪالرشپ جو بنيادي مقصد خوراڪ ۽ ز??عي شعبن ۾ پا??ست??ني گريجوئيٽس جي صلاحيت ۽ مهارتن کي وڌائڻ آهي. شاگردن کي جديد ز??عي طريقن ۽ فني مهارتن سان ل??س ڪيو ويندو. هن چيو ته شاگرد چين ۾ زراعت ۾ جدت ۽ جديد تحقيق سکندا، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. راڻا تنوير حسين چيو ته شاگردن کي پوري پا??ست??ن مان چونڊيو ويندو. بلوچستان جي شاگردن کي ترجيح ڏني ويندي. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ز??عي يونيورسٽي فيصل آباد اسڪالرشپ پروگرام ک?? لاڳو ڪندو.