اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) پا??ستان حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي ايراني گادي واري شهر تهران ۾ قتل جي مذمت ڪندي خطي ۾ وڌندڙ اس??ائيلي مهم جوئي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته اس??ن کي ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي ٿيندڙ ان غيرذميواراڻي ڪارروائي سان وڏو صدمو پهتو آهي جنهن ۾ پا??ستان جي نائب وزيراعظم سميت ڪيتريون ئي غيرملڪي شخصيتون شري?? هيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪندي چ??و ته پا??ستان عدالت کان مٿانهين ۽ ٻين ملڪن جي سرزمين تي قتل سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. پا??ستان خطي ۾ وڌندڙ اس??ائيلي مهم جوئي کي گهري ڳڻتي جي ن??ر سان ڏسي ٿو. ترجمان وڌيڪ چ??و ته اس??ائيل جون تازه ترين ڪارروايون اڳ کان ئي عدم اس??حڪام ۾ ورتل خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو ۽ امن جي ڪوششن جي لاءِ نقصانڪار آهن.