اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪشمير، اتر اوڀر پنجاب، پوٽوهار خطي، اسلام آباد، مٿانهين خيبر پخت??نخ??ا ۽ گلگ?? بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، شام/رات دوران ڏاکڻي خيبر پخت??نخ??ا ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پخت??نخ??ا ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه جاين تي تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ جهڙالي ??هي. جڏهن ته وچولي/ ڏاکڻي بلوچستان، مٿانهين خيبر پخت??نخ??ا، سنڌ ۽ گلگ?? بلتستان ۾ ڪجهه جاين تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي ۾ 45?? سبي، جيڪب آباد، بڪر، ڪوٽ ادو ۽ بنون ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.